لنڊن (ويب ڊيسڪ) شپنگ يونينن ۽ ڪمپنين اعلان ڪيو آهي ته آبناءِ هرمز کي گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ اٺن ڏينهن تائين ”جنگي آپريشنز زون“ تصور ڪيو ويندو.
اهو فيصلو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي جي باوجود ٻن سامونڊي جهازن تي تازن حملن کانپوءِ ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل بيان موجب، آبناءِ هرمز گهٽ ۾ گهٽ 9 جولاءِ تائين جنگي آپريشنز زون رهندو، جڏهن ته صورتحال جو هفتيوار جائزو ورتو ويندو.
برطانوي ميڊيا موجب، انٽرنيشنل ٽرانسپورٽ ورڪرز فيڊريشن ۽ جهاز مالڪن جي نمائنده تنظيم جوائنٽ نيگوشيئنگ گروپ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته هي فيصلو انساني زندگيءَ کي پيش سنگين ۽ مسلسل خطرن ۽ خطي ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
بي بي سي خابرو اداري اي ايف پي جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ڳالهين کان واقف هڪ ذريعي موجب، جيڪڏهن گذريل خميس کانپوءِ ٻن مختلف ڏينهن تي سامونڊي جهازن کي نشانو نه بڻايو وڃي ها ۽ اچ وڃ معمول موجب جاري رهي ها ته هن هفتي درجي بندي تي نظرِ ثاني ممڪن هئي.
ياد رهي ته آبناءِ هرمز کي پهريون ڀيرو پنج مارچ تي جنگي آپريشن زون جي ڪيٽيگريءَ ۾ شامل ڪيو ويو هو، جڏهن توانائي بردار بحري جهازن کي نشانو بڻايو ويو هو.
اها درجي بندي اهڙن سامونڊي جهازن تي لاڳو ٿئي ٿي جن جا مالڪ انٽرنيشنل بارگيننگ فورم جي ليبر معاهدن جو حصو آهن ۽ اهڙن جهازن جو انگ دنيا ۾ اٽڪل 15 هزار آهي.