لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊپارٽمينٽس سالياني فيس تي اعتراض کڻي واري ڇڏيو آهي.
ڊپارٽمينٽل ڪرڪيٽ بابت پي سي بي جي اجلاس دوران ڊپارٽمينٽس سالياني فيس ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڪرڻ تي اعتراض واريندي چيو ته هو سمورا خرچ پاڻ برداشت ڪن ٿا، تنهنڪري فيس وڌائڻ زيادتي آهي.
ذريعن موجب، ڊپارٽمينٽس جي سخت خدشن کانپوءِ معاملي جو نئين سر جائزو وٺڻ جو چيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻ ڏٺو ويندو ته خرچ ڪيئن گهٽ ڪري سگهجن ٿا، ان کانپوءِ ئي فيس جو معاملو ڏٺو ويندو.
هڙئي خرچ پاڻ برداشت ڪيون ٿا، وڌيڪ فيس ڇو؟ ڊپارٽمينٽس پي سي بي جي سالياني فيس تي اعتراض کڻي واري ڇڏيو
You might also like