آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اعليٰ سطحي ملاقات في الحال طئي ناهي: قطري پرڏيهي وزارت

دوحا(ويب ڊيسڪ)قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي نمائندي اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر ٽياڪڙي ڪندڙن سان ڳالهين جي سلسلي ۾ قطر ۾ موجود آهن، پر آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڪنهن اعليٰ سطحي ملاقات جو في الحال ڪو فيصلو ناهي ٿيو.

ترجمان موجب اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر هن موقعي تي ايراني عملدارن سان سڌي ملاقات به نه ڪندا.

هن وڌيڪ چيو ته ايران جا 6 ارب ڊالر جا منجمد فنڊ اڃا تائين ايران کي منتقل ناهن ڪيا ويا ۽ معاهدي موجب اهي رقمون رڳو انساني همدردي جي بنياد تي ضروري شين جي خريداري لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون. آبناءِ هرمز بابت معاملي تي عمان سان به رابطو جاري آهي.

You might also like