آمريڪا سان عارضي معاهدي تي عملدرآمد بابت قطري ٽياڪڙي ڪندڙن سان ڳالهيون ٿينديون: ايران

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آبناءِ هرمز ۾ ڪنهن به ٻاهرين مداخلت جي ضرورت ناهي، اهڙي مداخلت صورتحال کي وڌيڪ ڏکيو بڻائيندي.

هن چيو ته آمريڪا سان ٿيل عارضي معاهدي تي عملدرآمد بابت قطري ٽياڪڙن سان ڳالهيون ڪيون وينديون، جڏهن ته معاهدي ۾ شامل ايران جا منجمد اثاثا واپس ڪرائڻ بابت به بحث ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ قطري ٽياڪڙن سان ڳالهين جو امڪان آهي.

اسماعيل بقائي جو چوڻ هو ته لبنان بابت ايران جو موقف مڪمل طور واضح آهي، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي واعدن تي ڪيترو عمل ڪري ٿو، ان جو اندازو مفاهمتي يادداشت جي متن مان لڳايو ويندو.

You might also like