”بئنڪ وارن نااهل چئي موٽائي ڇڏيو، شاهه رخ خان ممبئي ۾ گهر وٺرائي ڏنو“ شرياس تلپڙي جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار شرياس تلپڙي انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ فلمساز فرح خان ممبئي ۾ سندس پهريون گهر خريد ڪرڻ ۾ اهم مدد ڪئي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فلمساز ۽ ڪوريوگرافر فرح خان پنهنجي ڪوڪنگ بلاگ لاءِ شرياس تلپڙي جي گهر جو دورو ڪيو، جتي ٻنهي ماضيءَ جون خوشگوار يادون تازيون ڪيون.
ڳالهه ٻولهه دوران شرياس تلپڙي ٻڌايو ته هو ”اُوم شانتي اُوم“ جي ڪري پنهنجو پهريون گهر خريد ڪرڻ جي قابل ٿيو.
سندس چوڻ هو ته جڏهن هو گهر لاءِ قرض وٺڻ خاطر بئنڪ ويو ته شروعاتي طور تي قرض حاصل ڪرڻ جي اهليت نه رکندو هو.
شرياس موجب، بئنڪ ۾ موجود هڪ عورت کانئس پڇيو ته هو ڪهڙي فلم تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن هن ٻڌايو ته فلم ”اوم شانتي اوم“ آهي.
هن چيو ته عورت وڌيڪ پڇيو ته فلم جو هيرو ڪير آهي ۽ هدايتڪار ڪير آهي؟ ان تي هن جواب ڏنو ته فلم ۾ مرڪزي ڪردار شاهه رخ خان ادا ڪري رهيو آهي ۽ فرح خان فلم جي هدايتڪار آهي.
اداڪار جو چوڻ هو ته بئنڪ آفيسر کانئس تصديقي خط گهريو، جنهن کانپوءِ هن فرح خان سان رابطو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته فرح خان ٻن ڏينهن اندر شاهه رخ خان کان خط وٺي ڏنو ۽ ساڳئي شام بئنڪ سندس قرض منظور ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته اوم شانتي اوم ٻه هزار ست ۾ رليز ٿي هئي، جيڪا ان سال جي ڪامياب ترين بلاڪ بسٽر فلم ثابت ٿي شاهه رخ خان سان گڏ دپيڪا پاڊڪون به اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like