اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آن لائن حج پورٽل تي رجسٽريشن جو انگ ڏيڍ لک کان وڌي ويو آهي.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب وزيراعظم جي هدايت تي حج جي خرچن جي آن لائن ادائيگي جو نظام پڻ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ون لنڪ ذريعي گهر ويٺي حج جون رھتون جمع ڪرائڻ ممڪن هوندو.
ترجمان ٻڌايو ته رجسٽريشن کان وٺي ادائيگي تائين سڄو حج نظام مڪمل طور ڊجيٽل هوندو. جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني به گهر ويٺي حج جي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا ۽ آن لائن ادائيگي پڻ ڪري سگهندا.