ناٽنگهم (اسپورٽس ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ٽِين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ کي 160 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 2-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ٽرينٽ برج، ناٽنگهم ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهرين اننگز ۾ 438 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ڪپتان ٽام لاٿم 151 ۽ ڊيون ڪانوي 157 رنسن جي بهترين اننگزون کيڏيون، ٻنهي اوپنرن وچ ۾ پهرين وڪيٽ لاءِ 317 رنسن جي زبردست ڀائيواري قائم ٿي، انگلينڊ جي بين اسٽوڪس چئن بيٽرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو.
جواب ۾ انگلينڊ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 354 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، انگلش اوپنر بين ڊڪيٽ 113 ۽ جيڪب بيٿل 74 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته نيوزيلينڊ طرفان نيٿن سمٿ 4 ۽ وِل او رورڪي 3 وڪيٽون ورتيون.
ٻي اننگز ۾ نيوزيلينڊ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي، راچن رويندرا 94 ۽ ڊيرل مچل ناٽ آئوٽ 100 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
اهڙي ريت انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 373 رنسن جو هدف مليو، پر سڄي ٽيم 51.2 اوورن ۾ 212 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
انگلينڊ طرفان جيمي سمٿ 60، بين ڊڪيٽ 36 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس 30 رنسون ٺاهيون، ان کانسواءِ ڪو به بيٽر ڪيوي بالرن آڏو گهڻي دير وڪيٽ تي ٽڪي نه سگهيو.
نيوزيلينڊ طرفان زيڪ فولڪس 3، نيٿن سمٿ 2، مچل سينٽنر 2 ۽ بين سيئرز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، جڏهن ته هڪ رانديگر رن آئوٽ ٿيو.
ڊيرل مچل کي ميچ جڏهن ته نيوزيلينڊ جي نيٿن سمٿ ۽ انگلينڊ جي جوفرا آرچر کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.