ايران سان فني ڳالهين لاءِ ڪشنر ۽ وٽڪوف دوحا ويندا، وائٽ هائوس جي تصديق

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وائٽ هائوس تصديق ڪئي آهي ته ايران سان ٽيڪنيڪل ڳالهين لاءِ آمريڪي نمائندا اسٽيو وٽڪوف ۽ جارڊ ڪشنر دوحا روانا ٿي رهيا آهن.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي هڪ پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران هڪ ملاقات جي درخواست ڪئي آهي، جيڪا سڀاڻي دوحا ۾ ٿيندي.
ٻئي پاسي ايران جي ٽيڪنيڪل ڳالهين واري ٽيم جي سربراهه ڪاظم غريب آبادي اڱاري تي ڪنهن به اهڙي ملاقات يا ڳالهين جي ترديد ڪئي آهي.
وائٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسٽيو وٽڪوف ۽ جارڊ ڪشنر هن هفتي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ دوحا ويندا.
هن وڌيڪ چيو ته ايران سان لاڳاپيل ”ٽيڪنيڪل ڳالهيون“ به انهن ئي اجلاسن جي موقعي تي ڪيون وينديون.

You might also like