اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد، رياستي ادارن تي الزام هڻڻ واري ڪيس ۾ غير حاضريءَ تي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
رياستي ادارن تي الزام هڻڻ جي ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد جي سول جج عباس شاهه سهيل آفريدي خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت غير حاضريءَ تي سهيل آفريدي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت سهيل آفريدي کي 9 جولاءِ تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.
سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت اين سي سي آءِ اي ۾ ڪيس داخل آهي.