تائيوان جي هڪ صحت جي ماهر جو چوڻ آهي ته گهڻا آنا کائڻ يا انهن کي گهٽ پچائي کائڻ سان انهن جي غذائي فائدن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي ۽ فوڊ پوائزننگ (کاڌي مان زهر ٿيڻ) جو خطرو به وڌي سگهي ٿو.
آنا روزاني خوراڪ جو اهم حصو آهن، پر روزانو ڪيترا آنا کائڻ گهرجن، اهو هڪ اهم سوال آهي.
تائيوان جي جنگ شينگ ڪلينڪ جي ڊائريڪٽر چيو چينگ هنگ هڪ ميڊيا اداري سان ڳالهائيندي چيو ته گهڻا آنا کائڻ يا انهن کي غلط طريقي سان تيار ڪرڻ سان انهن جي غذائي افاديت گهٽجي سگهي ٿي ۽ کاڌي مان زهر ٿيڻ جو خطرو به وڌي سگهي ٿو.
تحقيق مان خبر پئي آهي ته لڳاتار 30 ڏينهن تائين روزانو ٽي آنا کائڻ سان رت ۾ نقصانڪار ڪوليسٽرول (LDL) جي سطح وڌي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ دل ۽ رت جي نالين جي بيمارين جو خطرو وڌي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته 2020ع ۾ ڇپيل 17 سائنسي تحقيقن جي هڪ گڏيل جائزي موجب، روزانو ٽي آنا کائڻ کي دل جي بيمارين جي وڌندڙ خطري سان لاڳاپيل قرار ڏنو ويو آهي.
روزانو رڳو هڪ آنو کائڻ جو بنيادي سبب اها آهي ته آني جي زردي ۾ موجود ڪوليسٽرول دل ۽ رت جي نالين جي نظام تي اثر وجهي سگهي ٿو. بهرحال، هر ماڻهو جي جسم ۾ ڪوليسٽرول جذب ڪرڻ ۽ ان کي هضم ڪرڻ جي صلاحيت مختلف هوندي آهي، تنهن ڪري مناسب مقدار به هر فرد لاءِ مختلف ٿي سگهي ٿي.
چيو جو چوڻ آهي ته ماڻهن کي پنهنجي ڪوليسٽرول جي سطح ڄاڻڻ لاءِ رت جي ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي. گهڻن صحتمند بالغ ماڻهن لاءِ LDL ڪوليسٽرول جي سطح 130 mg/dL کان گهٽ هجڻ بهتر سمجهي ويندي آهي. جيڪڏهن اها سطح مٿين حد جي ويجهو هجي ته روزانو ٻن کان وڌيڪ آنا نه کائڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي. پر جيڪڏهن ڪوليسٽرول صحتمند حد ۾ هجي ته روزانو ٽي کان چار آنا کائڻ به پريشاني جي ڳالهه ناهي.
ان کانسواءِ ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪچا آنا وڌيڪ غذائيت وارا هوندا آهن يا هو اڌ اُٻاريل انڊن جي نرم بناوت ۽ وهي ويندڙ زردي کي پسند ڪندا آهن. پر سائنسي تحقيق موجب مڪمل طرح پچايل آنن ۾ موجود پروٽين جو جذب ٿيڻ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندو آهي، جڏهن ته ڪچن آنن ۾ اهو لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو رهندو آهي.
ان کانسواءِ، ڪچا يا مڪمل طور نه پچايل آنا سالمونيلا بيڪٽيريا سان گدلاڻ ۽ فوڊ پوائزننگ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ڪمزور مدافعتي نظام وارن ماڻهن، ڳورھاري عورتن، ننڍن ٻارن ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن کي اهڙن آنن کان خاص طور پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن معدي ۽ آنڊن جي سوڄ يا ٻين سنگين بيمارين کان بچي سگهجي.
جتي آني جا رول، اسڪريمبلڊ آنا (ڀُرجي) ۽ فرائيڊ آنن جو تعلق آهي، اهي اعليٰ معيار جو پروٽين فراهم ڪن ٿا، پر انهن کي تيار ڪرڻ دوران اڪثر مکڻ، ڪريم يا گهڻو تيل استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن جي ڪري انهن ۾ چرٻي ۽ ڪوليسٽرول جو مقدار وڌي وڃي ٿو، جيڪو صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.