مٺي (غازي بجير+پ ر)سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر طرفان ڪميونٽي سينٽر هال ڪانجي ڪالوني، مٺي ۾ منعقد ڪيل ٻن ڏينهن وارو تعليمي تربيتي ورڪشاپ پڄاڻي تي پهتو. ورڪشاپ ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري سنڌي سماج ۽ فڪر پليجو، مرڪزي تعليمي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي موجوده عالمي صورتحال، نامياري اسڪالر جاويد اقبال لاڙڪ ڏکڻ ايشيا ۾ مسلم سماج جي اتهاس جو مٿاڇرو جائزو، عاطف ملاح انقلابي تنظيم ۽ عوامي ڪم جا اصول ۽ صابر جروار مارڪسزم جي آفاقيت ۽ ايشيا ۾ مائوزي تونگ ۽ هوچي منهه پاران لاڳو ڪرڻ، ڊاڪٽر قاسم سوڍر شاگرد سياست جي موضوعن تي ليڪچر ڏنا. ليڪچر پروگرام ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ديال صحرائي، اوڀايو جوڻيجو، ديوت راءِ، عمر بجير، پرديپ گلاب، لو لکاڻي، ڪشور جئپال، خوشحال ڀيل، نارائڻ سنڌي، دليپ دوشي، موهن ميگهواڙ، رحمان هنگورجو، تهذيب وسند ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ورڪشاپ جي ٻين ڏينهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري سنڌي سماج ۽ فڪر پليجو جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي چيو ته رسول بخش پليجي جو فڪر سنڌ جي قومي، جمهوري ۽ ترقي پسند جدوجهد جو سائنسي بنياد آهي. سنڌي سماج جي تاريخي ارتقا، قومي ۽ طبقاتي سوال ۽ سماجي تبديلي کي سمجهڻ کانسواءِ سنڌ ۾ ڪا به سياسي جدوجهد ڪامياب نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اسان کي تنقيدي سوچ، مطالعي ۽ عوامي جدوجهد سان پنهنجو لاڳاپو مضبوط ڪرڻ گهرجي. ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي پر ملڪ جا حڪمران اگهه گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن، پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي وڌائي وئي آهي. ليوي جيڪا ناجائز ٽيڪس آهي سا فوري طور ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ پوسٽ هائبرڊ نظام کان به بدتر دور مان گذري رهيو آهي. ملڪ ۾ غير جمهوري قوتون طاقت ۾ اچي ويون آهن، جڏهن ته جمهوريت نالي ماتر به ناهي بچي. عدليا ۽ ميڊيا کي قيد ڪيو ويو آهي. غير جمهوري قوتن جي وڌيڪ طاقت ۾ اچڻ سان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن ۾ به اضافو ٿيو آهي، ڀاشا ڊيم سميت نون ڊيمن تي تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سڀ ڪجهه لکي ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌي قوم کي گڏيل جدوجهد وسيلي پنهنجي درياهه ۽ ڌرتي جو تحفظ ڪرڻو آهي. عاطف ملاح پنهنجي ليڪچر ۾ چيو ته انقلابي تنظيم جو بنياد نظرياتي پختگي، اجتماعي قيادت، نظم و ضبط ۽ عوام سان مسلسل لاڳاپي تي هوندو آهي. هن چيو ته عوامي ڪم ۾ اخلاص، قرباني ۽ مسلسل جدوجهد کانسواءِ ڪا به تحريڪ پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب نٿي ٿي سگهي.صابر جروار چيو ته مارڪسزم هڪ آفاقي سائنسي نظريو آهي، جنهن کي هر ملڪ جي تاريخي ۽ سماجي حالتن موجب لاڳو ڪيو ويو. هن مائوزي تونگ ۽ هوچي منهه جي انقلابي تجربن تي روشني وجهندي چيو ته انهن مارڪسزم کي پنهنجي ملڪن جي حالتن سان هم آهنگ ڪري قومي آزادي ۽ سماجي تبديليءَ جي تحريڪن کي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌايو.