سنڌ ۾ ٽماٽن جو في ڪلو 400 کان 500 رپين تائين وڪرو

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ ۾ ٽماٽن جي اگهن ۾ وڏي واڌ اچي وئي، 7 محرم الحرام کان وٺي هن وقت تائين ڪراچي  ۽ ٻين شهرن ۾ ٽماٽن جو في ڪلو 400 کان 500 رپين تائين وڪرو ٿيڻ لڳو، شهري پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا، ڪراچي ۾ ٽماٽا في ڪلو 500 رپين تائين وڪرو ٿيڻ لڳا، لاڙڪاڻي جي شهرين ٻڌايو ته شهر ۾ ٽماٽا في ڪلو 300 رپين تائين وڪرو ٿي رهيا آهن، ڦلجي اسٽيشن ۾ ٽماٽو  گوشت کان مهانگو وڪرو ٿيڻ لڳو، ڦلجي اسٽيشن ۾ ٽماٽو 500 روپيه ڪلو وڪرو پيو هلي، انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل، مارڪيٽن ۾ ٽماٽن جي اگهن ۾ اوچتو وڏو اضافو، شهرين ٽماٽا وٺڻ ڇڏي ڏنا، سوشل ميڊيا واهپيدارن حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ جو انب ٽڪي ڌڙي وڪامجي رهيو آهي، ٽماٽو به سو رپين ۾ 5 ڪلو وڪرو ٿيو، هاڻ پنجاب جو ٽماٽو ساڍا چارسو روپيه ۽ انب 3 سو روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن، واهه سنڌ تنهنجا نصيب، جڏهن ته شهدادڪوٽ ۾ ٽماٽو 350 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

 

You might also like