”فوجي ڪارروائي مڪمل ڪئي ته ايران جو وجود نه رهندو“ ٽرمپ جي ايران کي سخت وارننگ

اهڙو وقت به اچي سگهي ٿو جڏهن اسان جو صبر جواب ڏئي ويهي، اسان فوجي ڪارروائي مڪمل ڪئي ته ايران جو وجود نه رهندو
واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي جهازن جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي تي ايران جي ميزائل ۽ ڊرون ذخيرن، سامونڊي ريڊار سائيٽن ۽ ٻين فوجي هدفن کي نشانو بڻايو آهي.
صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشلتي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪي جهازن ايراني ميزائل ۽ ڊرون اسٽوريج ۽ ساحلي رادار سائيٽن تي حملا ڪيا.
هن لکيو ته ”هڪ وقت اهڙو به اچي سگهي ٿو جڏهن اسان لاءِ وڌيڪ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ ممڪن نه رهي ۽ اسان کي اها فوجي ڪارروائي مڪمل ڪرڻي پوي جيڪا اسان ڪاميابيءَ سان شروع ڪئي هئي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ايران جو وجود باقي نه رهندو.“
ان کان اڳ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ به اعلان ڪيو هو ته آمريڪي فوجن ايراني اڳرائيءَ ۽ آبناءِ هرمز ۾ واپاري جهازن تي حملن جي جواب ۾ ايران جي فوجي نگراني جي نظام، مواصلاتي ڍانچي، فضائي دفاعي ٿاڪن، ڊرون ذخيرن ۽ بارودي سرنگهون وڇائڻ واري صلاحيت کي نشانو بڻايو آهي.

 

You might also like