ايران جا آمريڪي حملن جي جواب ۾ بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي ٿاڪن تي حملا

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪي حملن جي جواب ۾ بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي ٿاڪن تي حملا ڪري ڇڏيا.
ايراني خابرو اداري تسنيم ۽ پريس ٽي وي موجب، ايراني پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي ٿاڪن کي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو، ايراني نيوي ۽ ايئر اينڊ اسپيس فورس گڏيل طور تي آمريڪي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا.
بيان ۾ ۾ چيو ويو آهي ته اهي حملا ايران تي ٿيل تازن آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن.
ايراني پاسداران انقلاب ايران تي ٿيل حملن کي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي شق 1 جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ۽ چتاءُ ڏنو ته ان جي نتيجي ۾ سمورو سفارتي عمل مڪمل طور تي روڪيو ويندو.
پاسداران انقلاب وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ ڪنهن به ڀڃڪڙي تي وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ايران خلاف ڪنهن به قدم جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.

You might also like