لاهور (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته گذريل هفتي پيٽرول جي قيمت ۾ جيڪا گهٽتائي ڪئي وئي، ان کان وڌيڪ عوام کي رليف ڏنو ويو آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته الله جي ڪرم سان محرم الحرام جو پهريون ڏهاڪو خير خوبيءَ گذري ويو آهي، امن امان برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ پنجاب جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.
علي پرويز ملڪ چيو ته خطي ۾ امن قائم ٿي ويو آهي، ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي.
هن چيو ته اسان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ بابت متحرڪ آهيون، وزيراعظم شهباز شريف عالمي مارڪيٽ کان به وڌيڪ لاڀ ترت عوام کي منتقل ڪيو.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪجهه عنصر پيٽروليم شين جي اگهن بابت ماڻهن کي ورغلائي رهيا آهن.
هن واضح ڪيو ته حڪومت عالمي معاهدن تي عمل ڪندي اڳتي وڌندي، جڏهن ته ايران کان سستو تيل ۽ گيس خريد ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي.