ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ بوندا باندي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آسمان تي ڪڪرن جي موجودگي ۽ موسم گهميل رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب، هوا ۾ گهم جو تناسب 65 سيڪڙو آهي ۽ ڏکڻ اولهه کان 20 کان 21 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گُهلي رهيون آهن.
You might also like