ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مان چئلينج ڪيان ٿو ته سڄي سنڌ ۾ هڪ به روڊ خراب ناهي، جيڪي روڊ وفاقي حڪومت جي ماتحت آهن، انهن جو ٻيڙو غرق آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سينيئر وزير چيو ته وفاقي حڪومت جا ماتحت ادارا روڊ ٺاهڻ لاءِ تيار ناهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت جا سمورا روڊ تمام بهترين حالت ۾ آهن.
هن ٻڌايو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪچن رستن تي پيور بلاڪس لڳايا پيا وڃن.
شرجيل ميمڻ چيو ته سرڪاري تعليمي ادارن ۾ 97 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن، جن جي ڀرتي بابت هڪ به شڪايت ناهي ملي.
هن دعويٰ ڪئي ته اها به شڪايت ناهي ملي ته ڪو سفارشي يا پئسن جي ڏي وٺ تي پاس ٿيو هجي، استادن جي شفاف ڀرتين جي عمل کي ساراهڻ گهرجي.
امن امان جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ نه صرف ڪراچي پر ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ به ماڻهن کي تحفظ حاصل آهي، سڄي صوبي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. اڳ ۾ 100-100 ماڻهو اغوا ٿيندا هئا، پر اڄ هڪ به مغوي ناهي.
اپوزيشن تي تنقيد ڪندي سينيئر وزير چيو ته اپوزيشن ميمبر شاهراهه ڀُٽو تي سفر ڪن ٿا پر سامهون ڪڏهن تعريف نٿا ڪن.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال کي چيو آهي ته سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن مان سکيو. سنڌ جي منصوبن جي سڄو ملڪ تعريف ڪري ٿو پر پنهنجا ماڻهو نٿا ڪن.