اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب وفاقي بجيٽ 2026-27 جي تياري ۾ حصو وٺندڙ سرڪاري ملازمن لاءِ 6 بنيادي پگهارن جي برابر خاص بونس (آنريريم) جو اعلان ڪيو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي ناڻي واري وزير بجيٽ جي عمل ۾ مصروف عملدارن ۽ ملازمن جي محنت ۽ ڪوششن کي ساراهيو.
هن چيو ته بجيٽ جي تياري ۽ پيشڪش دوران واڌو ڪم جي لوڊ کي نظر ۾ رکندي، وزيراعظم آفيس، پارليامينٽ، ناڻي واري وزارت ۽ وزيراعظم هائوس جا اهي اهلڪار جيڪي بجيٽ جي عمل ۾ شامل هئا، اهي هن بونس جا حقدار هوندا.
You might also like