اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد، لاهور ۽ خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
اسلام آباد ۽ راولپنڊي ريجن ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.
پنجاب ۾ لاهور، ميانوالي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن، چڪوال شهر ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
ان کانسواءِ خيبر پختونخواهه ۾ شانگلا، بونير، مردان، چارسدا، سوات، صوابي، ڪوهاٽ، ڪڙڪ، ملاڪنڊ، باجوڙ، هنگو، لوئر دير، ڏکڻ وزيرستان لوئر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
آزاد ڪشمير ۾ وادي نيلم ۽ مظفرآباد سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.
گلگت بلتستان ۾ ديامر شهر ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.
پنجاب ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي ) صوبي ۾ محسوس ڪيل زلزلي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
رپورٽ موجب، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، ميانوالي، ملتان، پوٺوهار ريجن سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.9 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز افغانستان جو هندوڪش ريجن هو، زلزلي جي زمين اندر 191 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، زلزلي کانپوءِ لاڳاپيل ضلعي انتظاميا کي فوري طور تي الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ مختلف علائقن ۾ عمارتن جو جائزو وٺڻ ۽ ڪنهن به امڪاني نقصان جو اندازو لڳائڻ جو عمل جاري آهي.
پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته صوبائي ڪنٽرول روم سميت سڄي پنجاب جا سمورا ضلعي ايمرجنسي آپريشن سينٽرز 24 ڪلاڪ فعال آهن ۽ صورتحال جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي.
پي ڊي ايم اي جي ترجمان شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته جيڪڏهن زلزلي سبب ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع هجي ته ترت پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائن 1129 تي رابطو ڪن ته جيئن وقت سر امدادي ڪارروائيون عمل ۾ آڻي سگهجن.