پورٽو (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور پاپ گلوڪارا دعا ليپا شاديءَ جي هڪ هفتي کانپوءِ پرتگال ۾ پابندي مڙهيل ۽ سينسر ڪيل ڪتابن تي ٻڌل هڪ خاص لائبريري قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
”مني فيستو لائبريري“ جي نالي سان قائم ڪيل اها ڪتب خانو دعا ليپا جي 2021ع ۾ شروع ڪيل بڪ ڪلب ”سروس 95“ جو عملي ۽ مستقل حصو هوندو.
لائبريريءَ جي افتتاح اڄ پرتگال جي شهر پورٽو ۾ قائم تاريخي ”ليوراريا ليلو“ بڪ اسٽور ۾ ٿي رهي آهي.
هي منصوبو ليوراريا ليلو جي 120هين سالگرهه وارين تقريبن جو حصو آهي، جڏهن ته لائبريري تقريب کانپوءِ به مستقل طور تي ساڳئي هنڌ موجود رهندي.
ان ڏس ۾ دعا ليپا جو چوڻ آهي ته جڏهن هن سروس 95 بڪ ڪلب جو بنياد رکيو هو ته سندس مقصد سڄي دنيا جي ليکڪن ۽ پڙهندڙن لاءِ هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ هو، جتي هو آزاداڻي نموني خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن.
هن چيو ته ڪتاب اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻين ٿا، پر افسوس ته هر ڪو ان آزاديءَ جو حامي ناهي.
هن ان منصوبي کي پنهنجي خوابن جي ڀائيواري قرار ڏيندي چيو ته لائبريريءَ ۾ شامل 100 چونڊيل ڪتاب اهڙا آهن جيڪي يا ته اهم سوال اُٿارين ٿا يا پاڻ سوالن ۽ پابندين جو نشانو بڻجندا رهيا آهن، ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجن خيالن جي قيمت پنهنجي جان ڏئي ادا ڪئي.
هن مجموعي ۾ مارگريٽ ايٽ ووڊ جو مشهور ناول ”دي هينڊ ميڊز ٽيل“، ريجيناڊ ڊوين بيٽس جي ”فيلن“سميت اولگا توڪارچڪ جهڙن ليکڪن جون تخليقون پڻ شامل آهن.
دعا ليپا موجب، هيءَ لائبريري اهڙن ڪتابن ۽ ليکڪن کي ڀيٽا آهي جن طاقت ۽ جبر جي ڍانچن کي وائکو ڪيو ۽ انهن پڙهندڙن لاءِ هڪ علامت آهي جيڪي اهو قبول نه ڪندا آهن ته کين ٻڌايو وڃي ته ڪهڙو ڪتاب پڙهڻ گهرجي ۽ ڪهڙو نه.
هن چيو ته مان هر شخص کي دعوت ڏيان ٿي ته هو هتي اچي، ڪتابن کي ڏسي ۽ پاڻ فيصلو ڪري ته انهن شيلفن تي ڇا هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن سڀ کان انقلابي ڪم هڪ ڪتاب پڙهڻ ۽ ان تي ويچارڻ هوندو آهي.
واضح رهي ته ڪتاب دعا ليپا جي ذاتي زندگيءَ جو به اهم حصو رهيا آهن.
هن جي پنهنجي مڙس اداڪار ڪيلهم ٽرنر سان پهرين ملاقات هڪ بار ۾ ٿي هئي، جتي ٻئي هرمن ڊياز جو ناول ”ٽرسٽ“پڙهي رهيا هئا. ان کانسواءِ هلندڙ سال دعا ليپا انٽرنيشنل بڪر پرائز جي ڏهين سالگرهه جي تقريب ۾ اهم خطاب پڻ ڪيو هو.