وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ٽورنامينٽ مان آئوٽ پاڪستان جي آخري گروپ ميچ ۾ نيڌرلينڊز کي شڪست

ريسٽول(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي گروپ اي جي 26هين ميچ ۾ پاڪستان وومينز ٽيم نيڌرلينڊز وومينز کي 37 رنسن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جو سفر فتح تي ختم ڪيو.
بريسٽول جي ڪائونٽي گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان وومينز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان جي اوپنر گُل فيروزا شاندار بيٽنگ ڪندي ناٽ آئوٽ 63 رنسون اسڪور ڪيون، جنهن ۾ 9 چوڪا شامل هئا، عائشه ظفر 32 رنسن سان نمايان رهي، جڏهن ته منيبه علي 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي. ڪپتان فاطمه ثناءَ 3، ايمن فاطمه ٻُڙي تي، ارم جاويد 2 ۽ سائرا جبين 5 رنسون ٺاهي سگهي.
نيڌرلينڊز طرفان آئرس زويلنگ 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته هيٿر سيگرز، هينا لينڊهير، ڪيرولائن ڊي لانگي ۽ سلور سيگرز جي حصي ۾ هڪ، هڪ وڪيٽ آئي.
پاڪستان جي127 رنسن جي هدف جي جواب ۾ نيڌرلينڊز جي بيٽنگ واري جي ڀت ثابت ٿي، پوري ٽيم 89 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ميچ ۾ شاندار ففٽي تي گل فيروزا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like