ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ کهلاڙي اڪشي ڪمار جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز جي دور ۾ مزاح وارو فن اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڏکيو ٿي چڪو آهي، ميمز، ريلز ۽ مختصر مزاحيه وڊيوز جي ڀرمار سبب ماڻهن کي کلائڻ اڄ سڀ کان وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي.
پنهنجي نئين ايڪشن ڪاميڊي فلم ”ويلڪم ٽو دي جنگل“ جي مشهوري مهم دوران هڪ انٽرويو ۾ اڪشي ڪمار چيو ته اڄ هر پاسي مزاحيه مواد سولائيءَ سان دستياب آهي، ماڻهو روز انسٽاگرام، يوٽيوب ۽ ٻين پليٽ فارمز تي بيشمار مزاحيه وڊيوز ڏسن ٿا، تنهن ڪري ناظرين کي ڪجهه نئون ۽ انوکو پيش ڪرڻ اڳ کان وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي.
هن چيو ته ان جي باوجود ڪاميڊي هڪ اهڙي صنف آهي جنهن جا امڪان ڪڏهن به ختم نه ٿيندا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪاميڊي جون ڪيئي شڪليون آهن، جن ۾ فزيڪل ڪاميڊي، سچوئيشنل ڪاميڊي، سليپ اسٽڪ ۽ ڊارڪ هيومر شامل آهن ۽ هر انداز پنهنجي انوکي طريقي سان ماڻهن کي محظوظ ڪري سگهي ٿو.
اڪشي ڪمار ويجهڙائي وارن سالن ۾ مقبول ٿيندڙ اسٽينڊ اپ ڪاميڊي ڪلچر کي به ساراهيو.
هن چيو ته اڄ کوڙ باصلاحيت ڪاميڊين روزاني بنيادن نئون مواد تخليق ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهن کي کلائڻ جا مختلف انداز متعارف ڪرائي رهيا آهن، باوجود ڪاميڊي اڃا به سڀ کان ڏکين فنن ۾ شمار ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ اڪثر ماڻهو ان کي سولو سمجهن ٿا.
اداڪار وڌيڪ چيو ته هو اسٽينڊ اپ ڪاميڊينز جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هڪ شخص جو اسٽيج تي اڪيلو بيهي پوري ميڙ کي مسلسل کلائڻ غير معمولي صلاحيت جي گهر ڪري ٿو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته هو ان فن کي انتهائي ڏکيو ۽ قدر جوڳو سمجهي ٿو.