فلسطينن جي نسل ڪشي تي مودي حڪومت جي خاموشي غير اخلاقي آهي: سونيا گانڌي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪانگريسي اڳواڻ سونيا گانڌي چيو آهي ته غزا ۾ نسل ڪشي تي ڀارت جو خاموش رهڻ ڪنهن به طرح سان درست نه آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، سونيا گانڌي انڊين ايڪسپريس لاءِ لکيل پنهنجي ڪالم ۾ چيو ته ”فلسطين ۾ جاري نسل ڪشي وارن قدمن بابت نريندر مودي حڪومت جي مسلسل خاموشيءَ کي عقلي يا اخلاقي طور تي بيان نه ٿو ڪري سگهجي.“
هن چيو ته ”فلسطيني ويڙهاڪ گروپ حماس طرفان اسرائيل تي بلڪل قبول نه ڪرڻ جوڳو حملو ڪرڻ جي اڍائي سالن بعد اهو واضح ٿي ويو آهي ته اسرائيل جي جوابي ڪارروائي بي رحمي ۽ بربريت جي علامت آهي.“
واضح رهي ته اسرائيل غزا تي لڳاتار فضائي ۽ زميني حملا ڪري رهيو آهي، جن ۾ 73 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
سونيا گانڌي انڊين ايڪسپريس ۾ لکيو ته ”اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو سميت سينيئر اسرائيلي اڳواڻن غزا جي مڪمل گهيراءُ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ فلسطينين کي جانور قرار ڏنو آهي، جن کي جيئڻ جو ڪو به حق نه آهي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ انتظاميا تل ابيب کي فلسطينين خلاف ظلم جاري رکڻ جي قابل بڻايو. انهن سمورن قدمن مان باقي دنيا پنهنجي ضمير جي آواز کي محسوس ڪري رهي آهي.“

You might also like