گرمي پد ۾ واڌ، مٿانهين ضلعن ۾ گليشيائي ڍنڍون ڦاٽڻ جو الرٽ جاري

پشاور(ويب ڊيسڪ) صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) مٿانهين ضلعن ۾ گليشيائي ڍنڍون ڦاٽڻ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
پي ڊي ايم اي مٿانهين ضلعن ۾ گرمي پد وڌڻ ۽ شديد گرم موسم جي ڪري گليشيئرز تيزيءَ سان پگهرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
پي ڊي ايم اي موجب، اپر ۽ لوئر چترال، سوات، اپر دير، ڪوهستان ۽ مانسهرا جي ضلعي انتظاميا کي اڳواٽ اپاءَ وٺڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته حساس گليشيائي علائقن ۾ لاڳاپيل ضلعي اختيارين کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ مسلسل نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته امدادي ادارن، مشينري ۽ هنگامي عملي کي هر وقت تيار رکڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like