اسان جي مردن جي ٽيم به ورلڊ ڪپ ۾ هارائيندي آهي، عورتن ڪڏهن به کين تندور تي ماني لڳائڻ جو مشورو ناهي ڏنو: ثناءَ مير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثناءَ مير قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندڙن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
ثناءَ مير سوال ڪيو ته ڇا اسان جي مردن جي ٽيم ورلڊ ڪپ ناهي هاري؟ ڇا انهن جي ڪارڪردگي هيٺ مٿي ناهي ٿي؟ اڄ تائين ڪنهن عورت ڪرڪيٽر مرد ڪرڪيٽر بابت چيو آهي ته هو تندور تي ماني سٺي لڳائي ٿو ۽ کيس اهو ڪم ئي ڪرڻ گهرجي؟
اڳوڻي ڪپتان چيو ته رڳو جنس کي بنياد بڻائي وڌيڪ تنقيد ٿي رهي آهي، اِهي ماڻهو عورت ڪرڪيٽرز جون اي آءِ ذريعي وڊيوز ٺاهي ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته مون کي هن موجوده ذهنيت کان تڪليف آهي، جيستائين اسان ان مائينڊ سيٽ کي نه بدلائينداسين، تيستائين اسان ڪٿي به نه پهچنداسين.

You might also like