پاڪستان ۾ سون اگهن ۾ واڌ، تولو گهڻي جو ٿي ويو ؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڄ ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في في تولو سون هڪ هزار 187 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 31 هزار 323 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 989 رپيا واڌ بعد 3 لک 68 هزار 74 رپيا ٿي وئي آهي.
ٻئي پاسي عالمي بازار ۾ في اونس سون 11.87 ڊالر اضافي سان 4088 ڊالر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

 

You might also like