اوڀر واري پاڙيسري جي پراڪسيز کي چيڀاٽي ڇڏينداسين:وزيراعظم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو دورو ڀائراڻن لاڳاپن ۽ پاڪستان جي اهم ڪردار جو اعتراف هو.
ڪراچي ۾ پاڪ بحريا جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي واڌايون پيش ڪريان ٿو ۽ دوست ملڪن جي ڪيڊٽس کي ڏسي خوشي ٿي، معرڪاءِ حق ۾ نيوي جو ڪردار شاندار رهيو.
وزيراعظم چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معاهدا پاڪستان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهن، پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن سان اسلام آباد مفاهمت جي يادداشت ايم ايو يو تي صحيحون ڪيون ويون، اسلام آباد اڪارڊ تي صحيحون پاڪستان لاءِ اعزاز آهن، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت ۾ ٻنهي ملڪن جو قدر جوڳو سهڪار رهيو، جڏهن ته امن جي قيام لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير رات ڏينهن اڻٿڪ محنت ڪئي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو دورو ڀائراڻن لاڳاپن ۽ پاڪستان جي اهم ڪردار جو اعتراف هو.
هن چيو ته خطي ۾ وڏيون تبديليون اچي رهيون آهن، اسان جي اوڀر واري پاڙيسري شڪست کانپوءِ پراڪسيز جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ٻاهرين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪري رهيو آهي، پاڪستاني فوجون دهشتگرديءَ کي مڪمل ناڪام بڻائڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا ۾ امن جي علمبردار طور ڄاتو وڃي ٿو، پاڪستان ڪشمير ۽ فلسطين ۾ حمايت جاري رکندو.

 

You might also like