تيل اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته هن هفتي پيٽرول ۽ ڊيزل جي عالمي اگهن جي انگن اکرن جو جائزو ورتو ويندو.
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن بابت بيان ۾ وفاقي علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت نه ڪنهن شعبي کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن شعبي تي غير ضروري بار وجهي رهي آهي، حڪومت پنهنجي بين الاقوامي ذميوارين جي دائري ۾ رهندي واهپيدارن تائين هر ممڪن فائدو پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم هن وقت تائين ڊيزل جي قيمت ۾ 200 رپيا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 155 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري چڪو آهي، هن هفتي پيٽرول ۽ ڊيزل جي عالمي اگهن جو جائزو ورتو ويندو.

 

You might also like