چڪ جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

شڪارپور (عوامي آواز نيوز) چڪ جي ڪچي ۾ ڳوٺ مزار ڪرسي ۾ ڪرسي برادري جي ٻن ڌرين حاجي ڪريمڻ ڪرسي ۽ آغا غلام نبي ڪرسي ڌرين ۾ جھيڙو هڪ دفعو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو گوليون لڳڻ سبب بشير ولد مير محمد ڪرسي قتل ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪچي ۾ ڪرسي برادري جي ڪريمڻ ڪرسي ۽ آغا غلام نبي ڪرسي جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان نوجوان بشير پٽ مير محمد ڪرسي قتل ٿي ويو سندس لاش چڪ اسپتال ۾ پوسٽم مارٽم بچل ڀيو پوليس کڻائي پھتي، ٻئي ڌريون مورچا بند  ٿي ويون،  پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته وڌيڪ تفصيل جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سامهون ايندا، جڏهن ته علائقي ۾ صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي، نوجوان جي قتل کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي.

 

You might also like