ڊکڻ ويجهو افسوسناڪ واقعو، پاڻي تلاءُ ۾ ٻه معصوم ٻار ٻڏي فوت

شڪارپور (عوامي آواز نيوز) ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ شير دل ٿهيم ۾ پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي ٻه معصوم ٻار فوت ٿي ويا، پوليس موجب فوت ٿيل ٻارن جي سڃاڻپ 7 ورهين  جي عادل ٿهيم ۽ 6 ورهين جي زارا طور ٿي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ٻارن کي تلاءُ مان ڪڍي فوري طور ويجهي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر ڊاڪٽرن جاچ بعد سندن موت جي تصديق ڪري ڇڏي، واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو، جڏهن ته پوليس وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۾ مصروف رهي، معصوم ٻارن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like