ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جوهي ۾ محرم الحرام جي مهيني ۾ به صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
شهرين ۽ عزادارن ست محرم الحرام جي مجلس دوران انتظاميا خلاف محمد حنيف لغاري، اعجاز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ محمد حنيف لغاري جو چوڻ هو ته محرم الحرام جي حوالي سان شھر جي مختلف پاڙي ۽ گهٽين ۾ عورتن جون مجالس ٿي رھيون آھن پر صفائي سٿرائي جو ڪو به انتظام ناهي ڪيو ويو.
هنن چيو ته هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳل آهي، ميونسپل عملي کي ڪيترائي ڀيرا دانهون آهي ته اچ وڃ ۾ تڪليفون ٿين ٿيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي.
مظاهرين احتجاج جو چتاءُ ڏيندي اختيارين کان گهر ڪئي ته محرم جو احترام ڪندي صفائي سٿرائي ڪرائي تڪليفن کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.