ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست گجرات جي ڪرائم برانچ 2017ع جي هڪ پراڻي گمشدگي واري ڪيس ۾ حادثو سمجهيل واقعي کي اڳواٽ رٿيل قتل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب 25 جون 2017ع تي مينش دينيشڀائي سولنڪي پنهنجي زال ڪومل بين سولنڪي کي شهر گهمڻ جي بهاني سان گڏ وٺي ويو هو. سڄو ڏينهن مختلف هنڌن تي گهمڻ کان پوءِ رات دير سان هو کيس سابرمتي ريور فرنٽ تي وٺي ويو.
جاچ موجب اتي ڳالهه ٻولهه دوران مينش موقعو ڏسي پنهنجي زال کي اوچتو کڻي درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن سبب سندس موت ٿي ويو.
واقعي کان پوءِ ايندڙ ڏينهن جوابدار ڪالاپور پوليس اسٽيشن ۾ وڃي گمشدگي جي ڪوڙي رپورٽ داخل ڪرائي ته جيئن ڏوهه کي لڪائي سگهجي.
شروعات ۾ هن واقعي کي حادثاتي موت سمجهيو ويو ۽ لاش ملڻ کان پوءِ ڪيس ان ئي زاويي سان بند ڪيو ويو.
لڳ ڀڳ 9 سالن کان پوءِ پوليس ٽيڪنيڪل ثبوتن ۽ پراڻن شاهدن جي بيانن جي ٻيهر جاچ ڪئي، جنهن سان حقيقت سامهون اچي وئي.
جاچ دوران اهو به ظاهر ٿيو ته مڙس ۽ زال جي وچ ۾ شادي جي ڪجهه مهينن کان پوءِ ئي گهريلو تڪرار هلندا رهيا هئا.
پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته مينش دينيشڀائي سولنڪي جو اڳ ۾ به ڏوهاري رڪارڊ موجود هو.
پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.