آبناءِ هرمز لنگهه مان گذرڻ تي ٽيڪس قبول نه ڪئي ويندي: قطري وزيراعظم

دوها(ويب ڊيسڪ)قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني برطانوي اخبار کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ بحري اچ وڃ جي بحالي لاءِ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هٽ لائن انتهائي اهم آهي.

هن چيو ته هٽ لائن جو مقصد غلط ڄاڻ ۽ ڪنهن به امڪاني شر انگيزي کي روڪڻ آهي. ڪجهه عنصر معاهدي کي نقصان پهچاڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ ضروري آهي ته جهازن کي ملندڙ ڪنهن به ڌمڪي جي ايران سان تصديق ڪئي وڃي.

شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو ته قطر آبناءِ هرمز مان گذرڻ تي فيس لاڳو ڪرڻ واري ڪنهن به ايراني منصوبي جي حمايت نه ڪندو.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران ڪو تجويز ڪيل ماڊل پيش ڪري ٿو ته ان لاءِ کيس پنهنجا دليل ڏيڻا پوندا، جڏهن ته قطر ان ماڊل جو جائزو وٺندو.

قطري وزيراعظم جو چوڻ هو ته دنيا تائين پهچ جو اسان جو واحد رستو ڪنهن ٻئي جي ڪنٽرول ۾ هجڻ قابلِ قبول نه هوندو. ايندڙ 30 ڏينهن ۾ بحري سرگرميون جنگ کان اڳ واري سطح جي ويجهو پهچي وينديون.

شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني چيو ته قطر ڪجهه هفتن ۾ ايل اين جي (LNG) جي پيداوار کي معمول تي آڻڻ جو ارادو رکي ٿو، پر اهو آبناءِ هرمز جي صورتحال جي معمول تي اچڻ سان مشروط هوندو.

You might also like