ايران لاءِ لبنان جي اهميت ڇو؟

تهران(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جاري جنگ جي تناظر ۾ لبنان به ان تڪرار جو حصو بڻجي ويو، جڏهن حزب الله 2 مارچ تي اتر اسرائيل تي ميزائل حملا ڪيا.

تنظيم چيو ته هي ڪارروائي 28 فيبروري تي ٿيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي جي جواب ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت جو دعويٰ ڪيو ويو هو. بهرحال لبنان جي ايران لاءِ اهميت رڳو ان جوابي ڪارروائي تائين محدود نه آهي، پر ان جون پاڙون ڪيترن ڏهاڪن تي ٻڌل حڪمتِ عملي ۽ نظرياتي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن.

هن اهميت جو بنيادي مرڪز حزب الله آهي، جنهن کي ايران جو علائقائي سڀ کان ويجهو اتحادي سمجهيو وڃي ٿو.

حزب الله جو قيام 1982ع ۾ لبنان تي اسرائيلي حملي کان پوءِ ٿيو هو. هن تنظيم جي بنياد ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (آئي آر جي سي) جي سهڪار سان وڌي، ۽ هن اسرائيل خلاف ڊگهي هٿياربند جدوجهد ڪئي.

2000ع ۾ ڏکڻ لبنان مان اسرائيلي فوجن جي واپسيءَ کانپوءِ حزب الله ان کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏنو.

اڄ حزب الله لبنان جي هڪ طاقتور سياسي ۽ فوجي قوت سمجهي وڃي ٿي، جيڪا ساڳئي وقت سياسي پارٽي ۽ هٿياربند تنظيم ٻنهي طور سرگرم آهي.

لبناني فوجي اڪيڊمي جي پروفيسر نعيم سالم موجب حزب الله عرب دنيا ۽ پوري خطي ۾ ايران جو سڀ کان ويجهو نظرياتي اتحادي آهي.

گذريل ڪيترن ڏهاڪن دوران ايران ۽ حزب الله هڪ ٻئي کي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد فراهم ڪئي آهي.

ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته هو آمريڪا سان جاري ڳالهين ۾ لبنان ۾ جنگبندي تي به زور ڏئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن مطابق اسرائيل مسلسل لبنان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. مثال طور 8 اپريل تي جڏهن آمريڪا ۽ ايران جنگبندي جو اعلان ڪيو، ته ساڳئي ڏينهن اسرائيلي فوجن رڳو 10 منٽن ۾ لبنان تي 100 کان وڌيڪ هوائي حملا ڪيا.

رپورٽن موجب انهن حملن ۾ 350 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 900 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.

انگن اکر موجب 2 مارچ کانپوءِ اسرائيلي ڪارروائين ۾ لبنان ۾ 4,000 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته 12 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن.

وڌيڪ ڄاڻ موجب اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ گذريل 3 ڏهاڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ علائقن تي قبضو به ڪري ورتو آهي.

ماهرن موجب لبنان ايران جي علائقائي حڪمت عملي ۾ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته حزب الله نه رڳو تهران جو اهم اتحادي آهي، پر وچ اوڀر ۾ ايران جي سياسي ۽ سيڪيورٽي مفادن جي تحفظ ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو.

You might also like