اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم جو ايران ۾ ناڪام سازشن جو اعتراف

تل ابيب(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم نفتالي بينيٽ اعتراف ڪيو آهي ته ايلون مسڪ جي ڪمپني اسٽار لنڪ جون هزارين انٽرنيٽ ڊيوائسون ايران ۾ اسمگل ڪري ايراني عوام کي حڪومت خلاف اڀارڻ جو اسرائيلي منصوبو بدترين ناڪامي سان منهن ڏنو.

والاريل بيت المقدس ۾ خطاب ڪندي اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم نفتالي بينيٽ چيو ته وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي حڪومت چاهيندي هئي ته ايران ۾ انٽرنيٽ بليڪ آئوٽ دوران حڪومت مخالف احتجاج ڪرائڻ لاءِ انهن انٽرنيٽ ڊيوائيسز کي استعمال ڪيو وڃي.

واضح رهي ته ايران اڳ ئي اسرائيل تي اهڙا الزام هڻندو رهيو آهي.

هي پهريون ڀيرو آهي جو اسرائيل جي ڪنهن اهم شخصيت ان مبينا سازش بابت باضابطه اعتراف ڪيو آهي.

You might also like