ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي قائد آباد ۾ قتل ٿيل 3 ورهين جي نينگري جي پوسٽ مارٽم مان ساڻس زيادتي ۽ تشدد ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد ٻڌايو ته مقتولا جي پوسٽ مارٽم دوران زيادتي ۽ تشدد جا ثبوت مليا آهن، جنهن جي تصديق ٿي چڪي آهي.
ڊاڪٽر سميعه موجب موت جي حتمي سبب جي ڄاڻ لاءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ محفوظ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيميڪل ايگزامينيشن رپورٽ اچڻ کان پوءِ موت جي اصل سبب جو تعين ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي واقعي جو ڪيس قائد آباد ٿاڻي ۾ نينگري جي پيءُ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اغوا، زيادتي ۽ قتل جون شڪون شامل ڪيون ويون آهن.
فريادي موجب منهنجي ڌيءَ گهر کان ٻاهر وئي هئي پر واپس نه موٽي، جنهن بعد منهنجي گهرواري فون ڪري اطلاع ڏنو. اسان نينگري کي گهڻو ڳوليو، پر سندس ڪا خبر نه پئي.
نينگري جي والد ٻڌايو ته رات جو جڏهن گهر پهتاسين ته پاڙي ۾ ماڻهن جو هجوم لڳل هو. علائقي واسين ٻڌايو ته اڻڄاتل ماڻهو منهنجي ڌيءَ جو لاش هڪ ٻوري ۾ وجهي اتي ڦٽو ڪري ويا هئا. جنهن کانپوءِ منهنجي پيءُ تصديق ڪئي ته اهو لاش منهنجي ڌيءَ ڪلثوم جو ئي هو.