ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر شعيب اختر جو وڏو ڀاءُ شاهد اختر لاڏاڻو ڪري ويو آهي.
شعيب اختر سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي ڀاءُ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ شعيب اختر چيو آهي ته منهنجو پيارو ڀاءُ شاهد اختر الله سبحانه و تعاليٰ جي حضور واپس هليو ويو آهي.
شعيب اختر موجب شاهد اختر جي جنازي نماز اڄ عصر جي نماز کان پوءِ اسلام آباد جي ايڇ-8 علائقي ۾ ادا ڪئي ويندي.