لاهور: ٻه ڏينهن اڳ ڪار مان لاش ملڻ وارو مسئلو حل

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي علائقي ڊفينس مان ٻه ڏينهن اڳ ڪار مان لاش ملڻ وارو ڪيس حل ٿي ويو آهي.

پوليس موجب عادل نالي شخص کي قتل نه ڪيو ويو هو، پر هن پاڻ آپگهات ڪيو هو. فوتي گهريلو تڪرارن ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪار مان ملندڙ وردي سب انسپيڪٽر طاهر جي آهي، جڏهن ته فوتي ۽ سب انسپيڪٽر طاهر پاڻ ۾ دوست هئا.

واضح رهي ته پوليس کي روڊ جي ڪناري بيٺل ڪار مان لاش مليو هو، جنهن کان پوءِ واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي هئي.

You might also like