لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور موسيقي جوڙي صابري سسٽرز کي نيويارڪ جي مشهور ٽائيمز اسڪوائر ۾ اسپاٽي فاءِ جي ڊجيٽل بل بورڊ تي نمايان جاءِ ڏني وئي آهي.
هي اعزاز اسپاٽي فاءِ جي ”ايڪول“ پروگرام تحت ڏنو ويو آهي، جنهن جو مقصد دنيا ڀر جي عورت فنڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ کين عالمي سطح تي سڃاڻپ فراهم ڪرڻ آهي.
انعمتا صابري ۽ سمن صابري هن جوڙي جي تصوير 17 جون تي بل بورڊ تي لڳائي وئي. ٻئي ڀينرون انهن پاڪستاني عورت فنڪارن ۾ شامل آهن، جن کي تازن سالن دوران هن پروگرام وسيلي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو ويو آهي.
صابري سسٽرز جو تعلق ڏکڻ ايشيا جي نامور قوال خاندانن مان هڪ، صابري گهراڻي سان آهي. اهي مشهور قوال مرحوم امجد صابري جون ڀائيٽيون آهن، جڏهن ته سندن خاندان عظيم صابري برادران جهڙين شخصيتن جو وارث پڻ رهيو آهي. هن خاندان ڪيترين ئي نسلن کان قوالي جي روايت کي هٿي ڏيڻ ۽ محفوظ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
صابري سسٽرز کي پهريون ڀيرو 2017ع ۾ پنهنجي مرحوم چاچي امجد صابري کي ڀيٽا پيش ڪندڙ هڪ گيت ذريعي وڏي شهرت ملي هئي. ان کان پوءِ هنن عاصم اظهر، عاطف اسلم ۽ فرحان سعيد سميت ڪيترن ئي مشهور ڳائڻن سان گڏ ڪم ڪيو آهي.
هن اعزاز بابت خيال ظاهر ڪندي صابري سسٽرز چيو ته اسپاٽي فاءِ جي ايڪول پروگرام ذريعي پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ فنڪارن جي فهرست ۾ شامل ٿيڻ سندن لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي.
سندن چوڻ هو ته عابده پروين ۽ صنم ماروي جهڙين نامور شخصيتن جي نقشِ قدم تي هلڻ سندن لاءِ هڪ خاص اعزاز آهي.
صابري سسٽرز هن وقت 2026ع جي اونهاري ۾ پنهنجي پهرين برطانيا دوري جي تيارين ۾ مصروف آهن، جتي هو روايتي قوالي ۽ جديد موسيقي جو حسين امتزاج پيش ڪنديون.