ڪرينا ڪپور جو بمرا کي وڏو چيلينج

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور تازو سوشل ميڊيا تي هڪ دلچسپ پوسٽ شيئر ڪري مداحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.

هن پوسٽ ۾ هن ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا کي هلڪي ڦلڪي انداز ۾ چئلينج ڏئي ڇڏيو آهي.

45 ورهين جي اداڪارا، جيڪا اڪثر پنهنجي ٻارن سان گذاريل خوشگوار لمحن جون تصويرون مداحن سان شيئر ڪندي رهندي آهي، انسٽاگرام اسٽوريز تي ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون. انهن تصويرن ۾ هوءَ پنهنجي وڏي پٽ تيمور علي خان سان گڏ ڪرڪيٽ کيڏندي نظر آئي.

تصويرن سان گڏ ڪرينا ڪپور مزاحيه انداز ۾ لکيو ته منهنجي صلاحيتن کي گهٽ نه سمجهو، مان ته بمرا سان به مقابلو ڪري سگهان ٿي.

تصويرن ۾ اداڪارا گلابي شرٽ، نيري جينز ۽ اڇن اسنيڪرز ۾ ملبوس نظر آئي، جڏهن ته ڪرڪيٽ کيڏندي سندس پُرجوش انداز مداحن کي تمام گهڻو وڻيو.

ان کان اڳ هڪ انٽرويو دوران ڪرينا ڪپور ٻڌايو هو ته سندس پٽ تيمور کي فلمن سان گڏوگڏ ڪرڪيٽ ۽ فٽبال جو به تمام گهڻو شوق آهي ۽ هو راندين ۾ خاص دلچسپي رکي ٿو.

ٻئي پاسي جسپريت بمرا دنيا جي بهترين فاسٽ بالررن مان شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ دٻاءَ وارن لمحن ۾ به پنهنجي خطرناڪ يارڪرن سبب مشهور آهي.

You might also like