دبئي ويندڙن لاءِ خوشخبري، مفت رهائش جي آڇ!

امارات ايئرلائن اونهاري جي موسم لاءِ هڪ خاص آڇ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت دبئي ويندڙ يا دبئي ۾ 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ ترسندڙ مسافرن کي مفت فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائش فراهم ڪئي ويندي.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب هن آڇ مان فائدو وٺڻ لاءِ مسافرن کي 22 جون کان 12 جولاءِ تائين واپسي جا ٽڪيٽ بُڪ ڪرائڻا پوندا، جڏهن ته سفر 25 جون کان 30 سيپٽمبر جي وچ ۾ هجڻ گهرجي.

فرسٽ ڪلاس ۽ بزنس ڪلاس جي مسافرن کي دبئي جي مشهور فائيو اسٽار هوٽل ۾ ٻه راتيون مفت رهائش ڏني ويندي، جڏهن ته پريميئم اڪانومي ۽ اڪانومي ڪلاس جا مسافر هڪ رات فائيو اسٽار هوٽل ۾ مفت ترسي سگهندا.

امارات ايئرلائن موجب هن آڇ جو مقصد دبئي ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ مسافرن کي شهر ۾ وڌيڪ وقت گذارڻ لاءِ همٿائڻ آهي.

ان کانسواءِ مسافرن کي هڪ خاص رعايتي پروگرام تحت 600 کان وڌيڪ ريسٽورنٽن، تفريحي ماڳن، دڪانن ۽ اسپا مرڪزن تي خاص رعايتون پڻ حاصل ٿينديون.

You might also like