ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ 8 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿي ويو آهي.
جلوس روايتي رستن تان گذرندو حسينيه ايرانيا، کاري در وٽ پڄاڻي تي پھتو.
ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان جلوس جي روٽ جو دورو ڪيو ۽ ٻڌايو ته 6 هزار کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بم ڊسپوزل اسڪواڊ به رستن جي نگراني ڪري رهيو آهي.
ايڊيشنل آءِ جي چيو ته رينجرز جا اهلڪار به اسان سان گڏ موجود آهن.
هن وڌيڪ چيو ته مرڪزي جلوس جي رستن تي اضافي نفري ۽ ريزرو فورس مقرر آهي، جڏهن ته حساس هنڌن تي اسنائپرز ۽ سرچ آپريشنز ذريعي نگراني جاري آهي.
پوليس چيو آهي ته ڪنهن به شڪي سرگرمي جي فوري اطلاع مددگار 15 تي ڏني وڃي ۽ جلوس جي ھوائي نگراني به ڪئي پئي وڃي.