آءِ پي ايل ٽريڊ: رشڀ پنت جي دهلي ڪيپيٽلز ۾ واپسي، ڪلديپ يادو لکنئو سپر جائنٽس جو حصو بڻجي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ لکنئو سپر جائنٽس (ايل ايس جي) ۽ دهلي ڪيپيٽلز (ڊي سي) وچ ۾ رشڀ پنت ۽ ڪُلديپ يادو جي وڏي ٽريڊ ڊيل باضابطا طور تي مڪمل ٿي وئي آهي.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، رشڀ پنت ٻيهر دهلي ڪيپيٽلز ۾ شامل ٿيندو، جتي هو 2016 کان 2024 تائين 9 سيزن کيڏي چڪو آهي، کيس 2025 واري آءِ پي ايل سيزن کان اڳ ٿيل نيلامي ۾ 27 ڪروڙ رپين جي رڪارڊ فيس تي لکنئو سپر جائنٽس سائن ڪيو هو، پر هاڻي هو 15 ڪروڙ رپين جي نظرثاني ٿيل فيس تي ڊي سي ڏانهن واپس ويو آهي.
ٻئي پاسي ڪُلديپ يادو 13.50 ڪروڙ رپين جي موجوده فيس تي لکنئو سپر جائنٽس ۾ شامل ٿيندو.
هن ٽريڊ کانپوءِ ايل ايس جي جي بجيٽ ۾ 13.50 ڪروڙ رپين جو اضافي فائدو ٿيندو، جڏهن ته ڊي سي جي پرس مان 1.50 ڪروڙ رپيا گهٽايا ويندا.
رپورٽ موجب، رشڀ پنت ويجهڙائي وارن سالن دوران اهڙو ٻيو وڏو رانديگر آهي جنهن ٽريڊ دوران پنهنجي معاوضي ۾ گهٽتائي قبول ڪئي آهي.
ان کان اڳ آءِ پي ايل 2026 کان اڳ سي ايس ڪي ۽ راجستان رائلز وچ ۾ به هڪ وڏي ٽريڊ ٿي هئي، جنهن ۾ رويندرا جاڙيجا ۽ سيم ڪرن جي بدلي ۾ سنجو سيمسن چنائي سُپر ڪنگز شامل ٿيو هو.

 

You might also like