تھران(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ڳالهين جي اثرائتي هجڻ جو دارومدار طئي ٿيل ذميوارين تي مڪمل ۽ صحيح طريقي سان عمل ڪرڻ تي آهي.
ايراني صدر جو چوڻ هو ته هن عمل ۾ اڳڀرائي جو جائزو انهن قبول ڪيل ذميوارين تي عملي پابندي جي بنياد تي ورتو ويندو. گڏيل متن کان هٽي ڪري ڏنل بيان ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ناهن ٿيندا.