ايران معاھدي جي پابندي نھ ڪئي تھ جيڪو ضروري لڳو اھو ڪندس: ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبناءِ هرمز مڪمل طور تي کلي ويو آهي ۽ ايران آبناءِ هرمز ۾ تمام سٺو قدم کڻي رهيو آهي.

صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبناءِ هرمز مڪمل طور تي کلي ويو آهي.

ٽرمپ گڏوگڏ ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايران معاهدي جي پابندي نه ڪئي ته پوءِ جيڪو ضروري هوندو اهو ڪندس. جيستائين تائين ايران اسان جو احترام ڪندو رهندو، اسان جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي مسئلي يا تڪرار پيدا نه ٿيندو.

صدر ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته ايران وڏي پيماني تي هٿيارن جي معائني تي راضي ٿي ويندو ۽ ايران مستقبل ۾ ڊگهي عرصي تائين ايٽمي شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ تيار ٿيندو.

You might also like