اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ شيڊيول فيفا ورلڊ ڪپ 2034 لاءِ پاڪستان پنهنجي 3 کان 4 لک هنرمند ماڻهن کي سعودي عرب موڪلڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي.
سرڪاري دستاويزن موجب، هنرمند پاڪستاني ماڻهو 2026 کان 2034 جي دوران انفرا اسٽرڪچر جي اڏاوت، هوابازي، سياحت ۽ لاڳاپيل خدمتن جي شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
هي قدم حڪومت جي انهن وسيع ڪوششن جو حصو آهي جن جو مقصد ٻاهرين ملڪ روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ عالمي ليبر مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن مضبوط بڻائڻ آهي.
هن مقصد جي حاصلات لاءِ جولاءِ کان مارچ مالي سال 26-2025 جي دوران 2 لک 15 هزار 719 ماڻهن کي سافٽ اسڪلز جي تربيت ڏني وئي.
سعودي عرب اڳ ۾ ئي پاڪستاني هنرمند ماڻهن لاءِ پهرين ترجيح رهيو آهي، 2025 ۾ 5 لک 30 هزار 256 پاڪستاني هنرمند ماڻهو سعودي عرب ويا، جيڪي سڄي سال ۾ ٻاهرين ملڪ روزگار لاءِ ٿيندڙ ڪل رجسٽريشن جو 69.54 سيڪڙو آهن.
سعودي عرب جي ويزن 2030 پروگرام روزگار جا موقعا وڌايا آهن ۽ ان ڪري هنرمند ماڻهن جي ڊمانڊ ۾ واڌ ٿي آهي.
بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ رڳو 2025 ۾ ٻاهرين ملڪ ملازمت لاءِ 7 لک 62 هزار 499 هنرمند ماڻهن کي رجسٽر ڪيو.
1972 کان وٺي هاڻي تائين 1 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ پاڪستاني 50 کان وڌيڪ ملڪن ۾ سرڪاري چينلز ذريعي ڪم لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃي چڪا آهن، جن مان 96 سيڪڙو کان وڌيڪ نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي ملڪن خاص طور تي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ويا آهن.
رڳو ناري وارن ملڪن ۾ ئي نه پر پاڪستان نار ملڪن کان ٻاهر به پنهنجي هنرمند ماڻهن جو انگ وڌائي رهيو آهي.
پاڪستان يورپي يونين مائيگريشن اينڊ موبيليٽي ڊائلاگ تحت اٽلي 3 سالن جي دوران پاڪستان لاءِ 10 هزار 500 هنر مند ماڻهن جي ڪوٽي جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته جرمني ۽ يونان به هنرمند ماڻهن تي ڌيان ڏيندي ڪندي ليبر سهڪار جي باضابطا انتظامن ڏانهن اڳڀرائي ڪئي آهي.
پاڪستاني حڪومت به ڊجيٽل سڌارن ذريعي هجرت واري عمل کي جديد بڻائي رهي آهي، 14 لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي جوڙڻ ۽ ٻاهرين ملڪ ملازمت جي طريقيڪار کي هموار ڪرڻ لاءِ پاڪستان اميگرنٽ مئنيجمينٽ فريم ورڪ تيار ڪيو پيو وڃي، هي فريم ورڪ آن لائن تصديقي نظام ذريعي ٻاهرين ملڪ روزگار جي طريقيڪار کي سولو بڻائيندو.