ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عائشه عمر ليڪ ٿيندڙ تصويرن واري معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
عائشه عمر هاڻي هڪ غير سرڪاري تنظيم (اين جي او) سان گڏجي ذاتي ڄاڻ ۽ تصويرن جي غلط استعمال خلاف آگاهي مهم ۾ حصو وٺي رهي آهي.
ويجهڙ ۾ عائشه عمر پنهنجي ذاتي تصويرون ليڪ ٿيڻ جي ڪيئي سالن کانپوءِ ان معاملي تي ڳالهايو آهي.
هڪ انٽرويوءَ ۾ هن انڪشاف ڪيو ته ڪجهه سال اڳ ٿائيلينڊ ۾ موڪلون ملهائڻ دوران ورتل سندس تصويرون بنا اجازت سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون هيون.
عائشه عمر موجب، هوءَ پنهنجي ويجهي دوست ۽ اداڪارا ماريا واسطي سان گڏ ٿائيلينڊ ۾ موڪلون ملهائي رهي هئي، جنهن دوران ورتل تصويرون هن جي اجازت کانسواءِ تصويرون منظر عام تي آيون.
اداڪارا موجب، هڪ تصوير ۾ هن سوئمنگ سوٽ پاتل هو، جڏهن ته ٻين تصويرن ۾ هوءَ عام اونهاري جي لباس ۾ هئي، پر ان باوجود کيس سخت تنقيد کي منهن ڏسڻو پيو.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته ان واقعي سبب سندس ڪيريئر متاثر ٿيو، کوڙ سارا اشتهار کسجي ويا، ڇاڪاڻ ته ڪجهه فلماسز عورتن بابت مخصوص تاثر رکن ٿا.