ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ موبائل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي، جنهن سبب شهري سخت پريشانين جون منهن ڏئي رهيا آهن.
ڪوئيٽا ۾ موبائل فون سروس جي بندش اڄ صبح ڇهين وڳي کان شروع ٿي.
گهرو کاتي جي مددگار بابر يوسفزئي موجب، موبائل سروس ستين محرم جي موقعي تي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي معطل ڪئي وئي آهي.
هن عوام کان ان صورتحال تي معذرت ڪندي چيو ته موبائل فون سروس رات تائين معطل رهندي.
You might also like