نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن طرفان قائم ڪيل جاچ ڪميشن جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزا ۾ فلسطيني ٻارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نسل ڪشي، انسانيت خلاف ڏوهن ۽ جنگي ڏوهن جهڙا سنگين الزام سامهون آيا آهن.
ڪميشن موجب، اهڙي ئي صورتحال والاريل اولهندي ڪناري ۾ به ڏٺي وئي آهي.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيلي فورسز ڄاڻي واڻي اهڙا حملا ڪيا جن سان وڏي انگ ۾ فلسطيني ٻارن جي شهادت ۽ سخت جسماني ۽ ذهني نقصان ٿيو ۽ اهو سلسلو گذريل سال ٿيل جنگ بندي کان پوءِ به جاري آهي.
ڪميشن جو چوڻ آهي ته ان وٽ اهڙا ثبوت موجود آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته اهي ڪارروائيون هڪ منظم حڪمت عملي جو حصو آهن، جنهن جو مقصد فلسطينين جي مستقبل ان ٻارن کي نشانو بڻائي ڪمزور ڪرڻ آهي.
گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل 2021 ۾ والاريل فلسطيني علائقن ۽ اسرائيل بابت مبينا بين الاقوامي انساني قانون ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي جاچ لاءِ هڪ آزاد بين الاقوامي ڪميشن آف انڪوائري قائم ڪئي هئي.
هي ٽه رڪني ماهرن تي ٻڌل پينل باضابطا طور تي گڏيل قومن جي نمائندگي نٿو ڪري.
ٻئي پاسي اسرائيل سمورن الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪندي رپورٽ کي بي بنياد، جانبدار ۽ پروپيگنڊا قرار ڏنو آهي.
اها صورتحال 7 آڪٽوبر 2023 جي ان حملي کان پوءِ سامهون آئي، جنهن ۾ حماس جي اڳواڻي ۾ ڏکڻ اسرائيل تي حملو ڪيو ويو هو ۽ اٽڪل 1200 ماڻهو مارجي ويا هئا جڏهن ته 251 کي يرغمال بڻايو ويو هو.
غزا جي صحت واري وزارت موجب، ان کان پوءِ هينئر تائين 73 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي.
رپورٽ موجب، اسرائيلي حملن ۾ رهائشي عمارتون، اسڪول ۽ پناهه گاهون به نشانو بڻيون، جڏهن ته ٻارن کي گرفتار ڪرڻ، تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ طبي سهولتن تائين رسائي محدود ڪرڻ جا الزام به سامهون آيا آهن.
هي معاملو هن وقت انصاف واري عالمي عدالت ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، جڏهن ته ان جي حتمي فيصلي ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.
گذريل سيپٽمبر ۾ ڪميشن اسرائيل تي غزا ۾ فلسطينين خلاف نسل ڪشي (جينوسائيڊ) ڪرڻ جو الزام لڳايو.
هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته بنياد موجود آهن ته 1948 جي جينوسائيڊ ڪنوينشن ۾ بيان ڪيل پنجن مان چار عمل اسرائيلي اختيارين ۽ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪيا ويا آهن.
اسرائيل هن رپورٽ کي سختي سان رد ڪندي ان کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ بي بنياد قرار ڏنو هو.
ڪميشن ان کان اڳ اهو نتيجو به ڪڍي چڪي آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس ۽ ٻين فلسطيني هٿياربند گروهه جنگي ڏوهن ۽ بين الاقوامي قانون جي سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون، جڏهن ته اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز به غزا ۾ انسانيت خلاف ڏوهن ۽ جنگي ڏوهن جو ملوث رهيون.
گذريل آڪٽوبر ۾ اسرائيل ۽ حماس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جنگ جي خاتمي جي منصوبي تحت جنگ بندي تي اتفاق ڪيو.
ان کان پوءِ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي تي بار بار جنگ بندي جي ڀڃڪڙي جا الزام لڳائينديون رهيون آهن.
اسرائيل غزا ۾ ڄاڻي واڻي ٻارن کي نشانو بڻائي فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي: گڏيل قومون
Next Post
You might also like