ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪارا دِيا مرزا انڪشاف ڪيو آهي ته سلمان خان 24 سال اڳ هڪ اهڙي اڳڪٿي ڪئي هئي، جنهن کي ٻڌي هوءَ ڊڄي ٿي وئي هئي.
دِيا مرزا ويجهڙائي هدايتڪار فرح خان جي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ڪيترن ئي دلچسپ موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
شو دوران جڏهن فرح خان دِيا مرزا کي سلمان خان سان ٻيهر ڪم ڪرڻ جي تجويز ڏني ته هن جواب ڏنو ته ”هاڻي سلمان ننڍي عمر وارين اداڪارائن سان ڪم ڪري رهيو آهي.“
اهو جواب ٻڌي فرح خان چيو ته ”سلمان خان ته اڃا چترانگدا سنگهه سان به ته ڪم ڪري رهيو آهي.“
ان تي دِيا مرزا کلندي وراڻيو ته ”اصل ۾ سلمان مون کي 2002ع ۾ رليز ٿيل فلم ’تم ڪو نه بھول پائين گي‘ جي سيٽ تي شوٽنگ دوران چيو هو ته ڏسجانءِ، هڪ ڏينهن تون منهنجي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندينءَ، جڏهن ته ان وقت منهنجي عمر رڳو 19 سال هئي.“
هن ٻڌايو ته هوءَ سلمان خان جي اها اڳڪٿي ٻڌي تمام گهڻي خوفزده ٿي وئي هئي.
اداڪارا موجب ”مان، راجپال يادو ۽ سلمان خان پنهنجي سين جي شوٽنگ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، ان فلم ۾ سلمان جي ماءُ جو ڪردار هڪ اهڙي عورت ادا ڪري رهي هئي، جنهن کي هڪ نئون ڄاول ٻار هو ۽ هوءَ وڏي عمر جي به نه هئي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”مون سلمان خان کي چيو ته هيءَ توهان جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ هن اڃا هاڻي ٻار کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هوءَ عمر ۾ گهڻي ننڍي آهي، منهنجي اها ڳالهه ٻڌي سلمان چيو ته توهان پريشان نه ٿيءُ، اِهو توسان سان به ٿيندو.“